Sindhi
Surah الليل - Aya count 21
وَاللَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰ
( 1 ) رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.
وَالنَّهَارِ إِذَا تَجَلَّىٰ
( 2 ) ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.
وَمَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَالْأُنثَىٰ
( 3 ) ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.
إِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتَّىٰ
( 4 ) ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.
فَأَمَّا مَنْ أَعْطَىٰ وَاتَّقَىٰ
( 5 ) پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.
وَصَدَّقَ بِالْحُسْنَىٰ
( 6 ) ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.
فَسَنُيَسِّرُهُ لِلْيُسْرَىٰ
( 7 ) تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.
وَأَمَّا مَن بَخِلَ وَاسْتَغْنَىٰ
( 8 ) ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.
وَكَذَّبَ بِالْحُسْنَىٰ
( 9 ) ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.
فَسَنُيَسِّرُهُ لِلْعُسْرَىٰ
( 10 ) تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.
وَمَا يُغْنِي عَنْهُ مَالُهُ إِذَا تَرَدَّىٰ
( 11 ) ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.
إِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدَىٰ
( 12 ) بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.
وَإِنَّ لَنَا لَلْآخِرَةَ وَالْأُولَىٰ
( 13 ) ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.
فَأَنذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظَّىٰ
( 14 ) پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.
لَا يَصْلَاهَا إِلَّا الْأَشْقَى
( 15 ) (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.
الَّذِي كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ
( 16 ) جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.
وَسَيُجَنَّبُهَا الْأَتْقَى
( 17 ) ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.
الَّذِي يُؤْتِي مَالَهُ يَتَزَكَّىٰ
( 18 ) جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.
وَمَا لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِّعْمَةٍ تُجْزَىٰ
( 19 ) ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.
إِلَّا ابْتِغَاءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْأَعْلَىٰ
( 20 ) پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).
وَلَسَوْفَ يَرْضَىٰ
( 21 ) ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.