Sindhi
Surah الرحمن - Aya count 78
الرَّحْمَٰنُ
( 1 ) ٻاجھاري (الله).
عَلَّمَ الْقُرْآنَ
( 2 ) قرآن سيکاريو.
خَلَقَ الْإِنسَانَ
( 3 ) ماڻھو کي پيدا ڪيائين.
عَلَّمَهُ الْبَيَانَ
( 4 ) ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.
الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ
( 5 ) سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.
وَالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدَانِ
( 6 ) ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.
وَالسَّمَاءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيزَانَ
( 7 ) ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.
أَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيزَانِ
( 8 ) ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.
وَأَقِيمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيزَانَ
( 9 ) ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
وَالْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ
( 10 ) ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.
فِيهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الْأَكْمَامِ
( 11 ) منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.
وَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ
( 12 ) ۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 13 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
خَلَقَ الْإِنسَانَ مِن صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ
( 14 ) ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.
وَخَلَقَ الْجَانَّ مِن مَّارِجٍ مِّن نَّارٍ
( 15 ) ۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 16 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
رَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ
( 17 ) جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 18 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ
( 19 ) ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.
بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيَانِ
( 20 ) انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 21 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَالْمَرْجَانُ
( 22 ) انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 23 ) پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
وَلَهُ الْجَوَارِ الْمُنشَآتُ فِي الْبَحْرِ كَالْأَعْلَامِ
( 24 ) ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 25 ) پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ
( 26 ) جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.
وَيَبْقَىٰ وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
( 27 ) ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 28 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
يَسْأَلُهُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ
( 29 ) جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 30 ) پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
سَنَفْرُغُ لَكُمْ أَيُّهَ الثَّقَلَانِ
( 31 ) اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 32 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
يَا مَعْشَرَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ إِنِ اسْتَطَعْتُمْ أَن تَنفُذُوا مِنْ أَقْطَارِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ فَانفُذُوا ۚ لَا تَنفُذُونَ إِلَّا بِسُلْطَانٍ
( 33 ) اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 34 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِّن نَّارٍ وَنُحَاسٌ فَلَا تَنتَصِرَانِ
( 35 ) اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 36 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فَإِذَا انشَقَّتِ السَّمَاءُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِ
( 37 ) پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 38 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُسْأَلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلَا جَانٌّ
( 39 ) پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 40 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
يُعْرَفُ الْمُجْرِمُونَ بِسِيمَاهُمْ فَيُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِي وَالْأَقْدَامِ
( 41 ) ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 42 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هَٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي يُكَذِّبُ بِهَا الْمُجْرِمُونَ
( 43 ) (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.
يَطُوفُونَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيمٍ آنٍ
( 44 ) انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 45 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ جَنَّتَانِ
( 46 ) ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 47 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ذَوَاتَا أَفْنَانٍ
( 48 ) ٻئي باغ گھاٽا آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 49 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِيهِمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ
( 50 ) انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 51 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِيهِمَا مِن كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجَانِ
( 52 ) انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 53 ) پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
مُتَّكِئِينَ عَلَىٰ فُرُشٍ بَطَائِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍ ۚ وَجَنَى الْجَنَّتَيْنِ دَانٍ
( 54 ) اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 55 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِيهِنَّ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَانٌّ
( 56 ) اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 57 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
كَأَنَّهُنَّ الْيَاقُوتُ وَالْمَرْجَانُ
( 58 ) اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 59 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هَلْ جَزَاءُ الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ
( 60 ) چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 61 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ
( 62 ) ۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 63 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
مُدْهَامَّتَانِ
( 64 ) ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 65 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِيهِمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ
( 66 ) اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 67 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِيهِمَا فَاكِهَةٌ وَنَخْلٌ وَرُمَّانٌ
( 68 ) انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 69 ) پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِيهِنَّ خَيْرَاتٌ حِسَانٌ
( 70 ) انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 71 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
حُورٌ مَّقْصُورَاتٌ فِي الْخِيَامِ
( 72 ) حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 73 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَانٌّ
( 74 ) انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 75 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
مُتَّكِئِينَ عَلَىٰ رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَعَبْقَرِيٍّ حِسَانٍ
( 76 ) ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.
فَبِأَيِّ آلَاءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
( 77 ) پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
تَبَارَكَ اسْمُ رَبِّكَ ذِي الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
( 78 ) تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.